اسحاق بلوچ

اسحاق بلوچ

اسحاق بلوچ

اسحاق بلوچ: ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سرگرم اڳواڻ ڪامريڊ اسحاق بلوچ 15 آڪٽوبر 1963ع تي شرافي ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. هن بي. اي تائين تعليم حاصل ڪئي. هن پنهنجي سياسي زندگي جي شروعات 1987ع ۾ شاگردي دؤر دوران ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي شاگرد محاذ ڊيمو ڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ميمبر طور ڪئي. 1989ع ۾شرافي ڳوٺ ۾ ٽين پارٽي ڪانگريس جي انتظامي ڪميٽيءَ جو ميمبر رهيو. هن سرگرمين جي شروعات صنعت ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن، عورتن ۽ ٻارن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ کان ڪئي. 1988ع ۾ کيس ڊي. ايس. ايف ڪراچي ضلعي ڪميٽيءَ جو عهديدار چونڊيو ويو. ان عرصي ۾ پارٽي ۽ ڊي. ايس. ايف جي محاذ تي هن ڪم ڪيو. سويت يونين ٽٽڻ کان پوءِ دوستن سان گڏ هن 2001ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ٻيهر تشڪيل ۾ ڪردار ادا ڪيو. جون 2009ع جي پارٽي ڪانگريس ۾ ڪامريڊ اسحاق کي سنڌ ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، جڏهن ته 2002ع کان وفات تائين ڪميونسٽ پارٽي ڪراچي ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري رهيو، ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ باوجود هن پنهنجي سياسي سرگرمين کي جاري رکيو ۽ 2 جون 2010ع تي وفات ڪئي.


لفظ اسحاق بلوچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.10.15  عيسوي

ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سرگرم اڳواڻ ڪامريڊ اسحاق بلوچ 15 آڪٽوبر 1963ع تي شرافي ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.


2010.06.02  عيسوي

اسحاق بلوچ 2 جون 2010ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

استاد بسم الله خان
احمد مجتبيٰ غالب
بختيار چنا
ٽکڙائي حاجي عبدالستار جان
اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي
جسڪاڻي مشتاق
سيمي جمالي ڊاڪٽر
سندر ڀڳوانداس
پير ضياءُ الدين شاهه راشدي
ارباب کهاوڙ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون